ٻانڌي (ن پ ا) ٻانڌي ۾ گيس نه هجڻ خلاف پ پ ليڊيز ونگ پاران توا هٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مھناز آرائين، جميلا راجپوت ۽ ٻين چيو ته ڪافي وقت کان ٻانڌي ۾ گيس نه پيو اچي، جنهن ڪري گهريلو عورتون رڌ پچاءَ لاءِ سخت پريشان آھن، هنن چيو ته مٿان وري ھر مھيني گيس جا ڳرا بل موڪلي پريشان ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته مجبور ٿي پھريون دفعو عورتون روڊن تي نڪتيون آھيون، ھنن مطالبو ڪيو ته گئس ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.