ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت گيس جي ٺيڪن ۾ 17 ارب رپين جي ڪرپشن ريفرنس ۾ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين جي بريت واري درخواست تي دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻيا پيش ٿيا، ڊاڪٽر عاصم جي بريت واري درخواست تي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت ڊاڪٽر عاصم جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي 8 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي،