حيدرآباد (بيورو رپورٽ) خوراڪ کاتي جي فوڊ انسپيڪٽر پاران ڪڻڪ سان ڀريل 2 ٽرڪون مبينا طور 30 هزار رپيا رشوت وٺي ڇڏڻ واري معاملي تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ۾ خبر شايع  ٿيڻ جو خوراڪ کاتي نوٽيس وٺندي انسپيڪٽر سميت 4 ڄڻن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، سيڪريٽري راجا خرم شهزاد پاران جاري نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنجهوري سان تعلق رکندڙ واپاري راڻا محمد سرور کين شڪايتي خط لکيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايو هو ته فوڊ انسپيڪٽر نعمان قريشي کانئن رشوت ورتي هئي، جنهن تي انهن معاملي جو نوٽيس وٺندي انسپيڪٽر حيدرآباد ريجن نعمان قريشي، فوڊ سپروائيزر آفتاب قريشي، برڪت ۽ شاهزيب کي معطل ڪندي سندن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته سنجهوري سان تعلق رکندڙ واپاري مبينا رشوت عيوض ڪڻڪ سان ڀريل 2 ٽرڪون ڇڏڻ بابت ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ حيدرآباد ريجن کي خط لکيو هو. خط ۾ واپاري راڻا محمد سرور ڄاڻايو ته 15 جون 2022ع تي ٻن ٽرڪن ذريعي 150 ڪڻڪ جون ٻوريون حيدرآباد ۾ قائم اٽي چڪي لاءِ روانيون ڪيون ۽ ٽرڪون هٽڙي باءِ پاس تي پهتيون ته انسپيڪٽر نعمان قريشي ٻنهي ٽرڪن کي روڪي ڪجهه دير بيهاريو ۽ مبينا طور 50 هزار رپيا رشوت طلب ڪئي. معاملو 30 هزار رپين ۾ طئي ٿيو جنهن بعد انهن فوڊ انسپيڪٽر کي 30 هزار رپيا ٻن حصن ۾ ايزي پئسا اڪائونٽ ذريعي موڪليا هئا. خط وارو معاملو ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ ۽ پنهنجي اخبار ۾ رپورٽ ٿيڻ بعد سيڪريٽري خوراڪ ڪارروائي ڪندي انسپيڪٽر ۽ ٽن فوڊ سپروائيزرن سميت چئن ڄڻن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.