اسلام آباد (م ڊ) اي سي سي ملڪ اندر ڪڻڪ جي في مڻ جي امدادي قيمت 3900 رپيا مقرر ڪرڻ، رمضان مهيني ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تي 19 شيون  عام مارڪيٽ کان گهٽ اگهه تي شين جي فراهمي لاءِ رمضان پيڪيج لاءِ 5 ارب جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، ناڻي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اي سي سي جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ ڪڻڪ جي في مڻ جي قيمت 3900 رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آھي، جڏهن ته رمضان پيڪيج لاءِ پنج ارب رپين جي منظوري ڏني وئي آھي، اي سي سي ڪي اليڪٽرڪ  لاءِ  هڪ جهڙو بجلي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني آھي، جڏهن ته ايل سيز کولڻ ۾ ڏکيائي سبب 50 لکن کان گهٽ اسٽوريج چاجز معاف ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آھي ان حوالي سان ڊيميجز چارجز جي خاتمي لاءِ اسٽيٽ بينڪ جي منظوري گهربل هوندي، اي سي سي هائوسنگ وزارت لاءِ هڪ ارب 33 ڪروڙ، گهرو وزارت لاءِ 3 ڪروڙ 20 لک رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.