اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪمران اتحاد ۾ شامل ميمبرن ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ۽ فوڊ سيڪيورٽي جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير طارق بشير چيما چيو آهي ته ملڪ ۾ ضرورت جيترا ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهي، ڪو به بحران پيدا نه ٿيندو، قومي اسيمبلي ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ ميمبر حسين طارق چيو ته سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين اڃا ٻڏل آهي اتي فيصل نٿو پوکي سگهجي، فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو ٿيڻ وارو آهي ڪڻڪ جي پوکي جو وقت آهي پر پاڻي اڃا ناهي نيڪال ٿيو، 3 ڪروڙ ٽن ڪڻڪ جي ضرورت آهي، اها ضرورت ڪيئن پوري ٿيندي، ڪنهن به ملڪ ۾ انقلاب بک سبب ايندا آهن، هاڻ ئي سوچڻو پوندو. غوث بخش مهر چيو ته اسان جي علائقي ۾ پاڻي نه پيو ڪڍيو وڃي، وزير چون ٿا ته سنڌ ۾ چيو وڃي ته وسيلا ئي ناهن پاڻي ڪڏهن نڪرندو؟  شازيه مري چيو ته ٻج جي فراهمي کاءِ 50 سيڪڙو رقم جي سنڌ سرڪار ڏئي چڪي آهي، فوڊ سيڪيورٽي وزير چيو ته پاڻي بيٺل جي صورتحال آهي ڪڻڪ جي پوکي لاءِ ڪافي ايراضي موجود آهي، ٻج ڏئي رهيا اهيون، 4 ارب ورلڊ بينڪ پاران رکرايا ويا آهن، وزيراعظم 4 ارب ٻيا به ڏنا آهن. صوبائي حڪومت جي هدايتن تي ڊي سي اهو ٻج ورهائيندا. هن چيو ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، بحران جو امڪان ناهي.