ڪڪڙ )ن پ ا) ڪڪڙ يوسي جي ڳوٺ الله بخش بوزدار جي رهواسين طرفان بنيادي سھولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن منيراحمد بوزدار، عبدالرحمٰن بوزدار، محمد ايوب، محمد يعقوب، عبدالرحيم، محمد ھارون، بشير احمد، احمد علي بوزدار سميت ٻارڙن سان گڏجي ِ سخت احتجاج ڪيو. ان دورن ڳوٺاڻن چيو ته ڳوٺ الله بخش بوزدار کي مڪمل طور لاوارث ۽ نظر اندار ڪري  ڪي به بنيادي سھولتون فراھم نه ڪيون ويون آهن. ڳوٺ ۾ ٻارڙن جي تعليم لاءِ اسڪول جي عمارت نه آهي، 100 کان وڌيڪ ٻار تعليم کان محروم آهن، دڙا ماڇي کان ڳوٺ تائين هڪ ڪلو ميٽر روڊ نه آهي. هنن چيو ته ڳوٺ ۾ 100کان مٿي گھر هئڻ باوجود مٺي پاڻي جي سھولتن کان محروم بڻيل آھيون. خراب پاڻي واپرائڻ دوران مختلف بيمارين جنم ورتو آھي ڪاري ڪامڻ ڳوٺ ۾ تباھي مچائي ڇڏي آھي ڪاري ڪامڻ وگھي بيماري دوران ٽيهه کان وڌيڪ ڳوٺاڻا موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن جن ۾ عورتون ٻارڙا مرد شامل آھن ۽ ويهه کان مٿي اڃا بيماري ۾ وڪوڙيل آھن پر صحت کاتو توڙي ضلعي انتظاميا  اگھور ننڊ ستل ۽ خاموش آھن. هنن وس وارن کان معاملي جو نوٽيس وٺي ڳوٺ ۾ سهولتون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.