ڪڪڙ (ن پ ا)  ڪڪڙ ۾َ   سمان ۽ ٻٻر  جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٻيھر تڪرار تيز ٿي ويو آُھي  ۽ ھڪ ڌر پاران فائرنگ سبب شھر ۾ ڏھڪاء پکڙجي ويو آھي ۽ ڌرين ۾  ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آھي. ان دوران ٻٻر محله ۾ حاجي بھادر ٻٻر ۽ منير سمون وچ ۾ جھيڙو ان وقت ٿي  پيو ٻٻر برادري جي حاجي بھادر ٻٻر  طرفان خالي پيل پلاٽ تي تعميراتي ڪم ڪرايو. ان دوران  ھٿياربند منير سمون طرفان فائرنگ ڪري ڏني ڪم ڪندڙ مزدور فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب فاروق ٻٻر سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي فورن دادو  اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻٻر برادري پاران حملي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري ۽ ايس ايچ او ڪڪڙ کي ھٽائڻ لاءِ  آصف علي ٻٻر  اڪبر علي صدام حاجي محمد پريل سميت سوين ماڻھن ڏنڊا کڻي انڊس ھاء وي روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو ھنيو ويو نظير احمد ٻٻر پڻ برادري جي حمايت لاء ڌرڻي ۾ پھتو. آصف علي ۽ ٻين چيو ته پلاٽ اسان ٻٻر  جو آھي جن تي مخالف ڌر اشفاق سمون منير سميت ٻين اڏاوت ڪرڻ نٿا ڏين. ايس ايڇ او ڪڪڙ نوراحمد مري جي نااھلي سبب جھيڙو ٿيو آھي مخالف ڌر جي ونگار وھي رھيو آهي. هوڏانهن ڪڪڙ پوليس جوابدار منير سمون کي پستول سميت  گرفتار ڪري ورتو آھي. قربان عرف  اڪبر ٻٻر جي فرياد تي 8ڄڻن جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. جن ۾  ٽي ڀائر منير سمون اشفاق رياض وزير خيرمحمد زاھد جاويد سومرو شامل آھن.