قصبو / ڪڪڙ (نمائندا)بلوچستان مان ايندڙ برساتي پاڻي تباھي مچائي ڇڏي ايريگيشن ۽ روينيو عملي ڪڪڙ لڳ درگاه ميان نصير محمد ڪلھوڙو ويندڙ لنڪ روڊ کي 100 فوٽ جو ڪٽ ڏئي ڇڏيو جنهن ڪري سوين ڳوٺن جو شھر ڏانھن زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، لکين ماڻھون ڦاٿل آھن  جن جي  دادو ضلعي جي چونڊيل نمائنده ۽ انتظاميا سندن لاء ڪي ب جوڳا انتظام ن ڪرڻ ۽ سندن جي پرگھور ن لھڻ ڪري ھزارين ماڻھون بي يارو مددگار بڻيل آھن. ڳوٺ ڇنڊڻ سان ايف پي بند لڳ سنڌ جي تاريخي درگاه ۽ قبرستان ميان نصيرمحمد ڪلھوڙو ۽ درگاه عنايت شاه ويندڙ لنڪ روڊ آرڊي 224 کي مشن ذريعي 100ڦوٽ جو ڪٽ ڏئي سوين ڳوٺن ڏانھن پاڻي ڇوڙ ڪري لوڙھي ڇڏيو، جنهن سبب ڪاڇي جا صوڀو دولتاڻي سم ٽوڙ پيربخش دولتاڻي ميان نصير محمد ڪلھوڙو سميت سوين ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آھن. ماڻھون لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. رهواسين ايريگيشن سب انجينئر   ۽ مختيار ڪاي ڪي اين شاه خلاف پاران روڊ کي ڪٽ ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. هنن چيو ته عملدار روڊ کي ڪٽ ڏئي اسان کي ھٿ سان ٻوڙائي ڪروڙين روپين جا ايندڙ فنڊ ھڙپ ڪرڻ چاھن ٿا روڊ کي ھٿ سان ڪٽ ڏئي پاڻي ڇوڙ ڪري سوين ڳوٺاڻن سان ظلم ناانصافي زيادتي ڪئي وئي آھي هوڏانهن ڪاڇي ۾ گيسٽرو، مليريا، چمڙي جهڙي خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آھي، ڪاڇي ۾ ضلعي انتظاميا عوام کي سهولت ۽ امدادي ڪئمپ به نه لڳائي.