دادو ( رپورٽر ) ڪڪڙ ڀرسان انڊس هاء وي تي تيز رفتاري دوران چنگچي رڪشا جو  ٽائر نڪرڻ سبب رڪشا ڪلٽي ٿي پيو جنهن ۾ 4 ڄڻا ڊاڪٽر غلام نبي عمراڻي ، مرتضي ، سراج ۽ شعيب عمراڻي زخمي ٿي پيا آهن جن کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي ، زخمي دادو جي ڳوٺ جان محمد عمراڻي جا رهواسي آهن جيڪي درگاھ سعدي موساڻي ويل هئا ، جتان واپس ايندي ساڻن حادثو پيش آيو