ڪڙيوگهنور(ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر  ٿاڻي جي حد  مڇاري شريف جي ڳوٺ ناٿو گهراڻو ۾  ٻن سڳن ڀائرن ۾ پلاٽ ۽ زمين جي معاملي تان تڪرار سبب ستئين ڪلاس جو شاگرد پنهنجي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي گهر ويهي رهيو، ان ڏس ۾ ملوڪ گهراڻو ۽ سندس ڀاء علي گهراڻو ۾ تڪرار تيز هلي رهيو آهي، ملوڪ گهراڻو جو ستئين ڪلاس جو شاگرد فاروق گهراڻو چاچي ۽ پي جي تڪرار سبب پنهنجي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ڏني. شاگرد فاروق گهراڻي ٻڌايو ته هو پنهنجي پي ۽ چاچي جي تڪرار ڪري پنهنجي پڙھائي بند ڪري ڇڏي آھي، هن چيو ته پريشاني ۾ هو پڙهائي نه ٿو ڪري سگهي ، گهر ۾ سڪون ۽ آرام ناهي ته پڙهائي ڪئين ٿي ڪري سگهي ، دماغ تي رڳو پريشاني ڇانيل آھي ، جڏھن ته ملوڪ گهراڻي جي وڏي ڀاء  علي گهراڻي ٻڌايو ته ننڍي ڀاء ملوڪ گهراڻو غلط رستو اختيار ڪيو جنهن کي چوڻ تي هو ناراض ٿي پيو آھي، جڏهن ته ملوڪ گهراڻي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته منهنجو وڏو ڀاء منهنجي زمين ۽ پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو ، زمين نه ڏيڻ تي هو مون کي مارڻ ۽ نقصان پهچائڻ چاهي ٿو ، مون کي خطرو آھي.  ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ، ايس ايڇ او ٽنڊو غلام حيدر ۽ٻيا وس وارا نوٽيس وٺي  مون سان انصاف ڪن.