ڪڙيوگهنور ( ن پ ا ) ڪڙيوگهنور شھر  ۾  ٽن جوابدارن 10 ورهين جي نينگر گل حسن ولد شاهنواز پنهور سان مبينا ڏاڍائي ڪرڻ بعد کيس بيهوشي جي حالت ۾ گهر ٻاهران ڇڏي  فرار ٿي ويا،  نينگر کي سندن وارثن هوش ۾ اچڻ بعد پڇا ڪئي ته هن ٻڌايو ته شيرعلي پٺاڻ ۽ ٻن نامعلوم  جوابدارن مون کي  زبردستي کڻي  وڃي بدفعلي ڪئي ۽ نشو ڏنو، ان بعد نينگر جي پي ۽ ٻيا وارث نينگر کي ٿاڻي تي وٺي ويا جتي ڪڙيوگهنور پوليس واقعي کي لئي مٽي ڪرڻ لاء کين راڄوڻي طرح فيصلو ڪرڻ جو چئي کين واپس روانو ڪري ڇڏيو، ان بعد نينگر جي پي شاهنواز پنهور صحافين آڏو دانهيندي چيو ته   منهنجي معصوم ٻارڙي سان جوابدارن جنسي ڏاڍائي ڪري ظلم ڪيو آھي انصاف نه ملڻ تائين خاموش نه ويهندس، بااثرن پاران راڄوڻي ڪري ٺاھ لاء زور ڀريو پيو وڃي، پر اسان  جوابدارن سان ڪنهن به صورت ۾ ٺاھ نه ڪندس، جيڪڏهن پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا ته احتجاج ڪري قانون جو در کڙڪائينداسين  ٻئي پاسي پوليس پاران ڌرين کي راڄوڻي ڪري مسئلو حل ڪرائڻ لاء زور ڀريو پيو وڃي، خبرلکڻ تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، ٻئي طرف ايس ايڇ او سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مگر رابطو نه ٿي سگهيو.