ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيي گهنور لڳ خاصخيلي آئل فليڊ ۾ لطيف جي پارکو اديب شاعر ليڪڪ مرحوم مٺو مهيري جي ياد ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ نورنامينٽ شروع  ٿي ويو آهي. هي ٽورنامنيٽ تعلقي ليول تي کيڏيو پيو وڃي. ٽورنامنيٽ ۾ 20 ٽيمن حصووٺنديون  ٽورنامنيٽ جو افتتاح مرحوم جي مٺو مهيري جي پٽ مرتضي مهيري ڪيو، هن ٽورنامنيٽ جو پهريون مئيچ جنت السنڌ ۽ شلمبجر وچ ۾ کيڏيو ويو ، شلمبجر ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ ،116 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويئي ۽ جنت السنڌ کي کٽڻ لاء 117 جو ٽارگيٽ ڏنو، جنت السنڌ مقرر اوورن ۾ 95 رنسن تي ڍير ٿي ويئي، اهڙي طرح شلمبجر هي کٽي پنهنجي نالي ڪري ورتو، محسن چوهاڻ کي بهترين بئٽنگ ڪرڻ تي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.