ڪڙيو گھنور (ن پ )   ڪڙيوگهنور ۽ ڀرپاسي برساتن سبب رستا تباهه ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ ڳوٺ حاجي سومار پنھور لڳ خاصخيلي  آئل فيلڊ ڳوٺ جو  روڊ نه ھئڻ  ڪري ڳوٺاڻا  ايمرجنسي ۾   پنهنجي مدد پاڻ تحت مريض کي کٽ تي رکي مين روڊ تي ايمبولنس تائين پهچائي اسپتال ڏانهن کڻائي ويا، جڏهن  ته ڳوٺاڻن سان رابطي تي هنن ٻڌايو ته روڊ ڪچو آھي برسات سبب گپ آھي گاڏي جو گس ناهي ، جنهن ڪري مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آھيون  بيماري ۽ ايمرجنسيء ۾ برسات سبب گس ناهي هوندو ، ان ڪري لاچار مريضن کي کٽ تي کڻي روڊ تائين وڃي پوء گاڏي ۾ کڻي اسپتال وڃو ٿا ، هنن چيو ته چونڊيل نمائيندن کي  بار بار  درخواستون ڏيڻ باوجود  ڪو به عمل نه ٿي سگھيو  ، گذريل برسات  ۾ ھن ساڳي ڳوٺ مان  رستو  نه ھجڻ جي ڪري ھن روڊ جي پوزيش ڪچي هجڻ   ڪري ايمرجنسي  ٽائيم تي اسپتال  ۾ نه پھچڻ  جي ڪري زاھد ڌي ڪانڍيرو  پنهور وفات ڪري وئي هئي ، هنن مطالبو ڪندي چيو ته جلد روڊ ٺھرائي پريشاني کان بچايو وڃي.