ڪڙيو گھنور (ن پ ا ) ڪڙيو گهنور ويجھو ڳوٺ حاجي سومار پنھور ۾20 ورھين جي شادي شده ناري جانجھو زال ڪانجي ڪولھي گھر ۾ ڦاهو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو. ناريءَ جي مڙس ڪانجي ڪولهي ٻڌايو ته گهر ۾ ڪو به اختلاف نه ھو. زال جا والدين هالا ويل هئا. مون کي 5 ورھين جي نياڻي آھي، اسان مرد مزدوري لاءِ شھر ويل ھئاسين، ٻيون عورتون پڻ زمين جي ڪم ڪار لاءِ گھر ۾ موجود نه ھيون. سمجهه ۾ نٿو اچي ته گهر واري آپگھات ڇو ڪيو؟ پوليس موجب وارثن جي پھچڻ کانپوءِ اڄ ناريءَ جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو. معاملي جاچ ڪئي پئي وڃي.