ڪڙيو گھنور (ن پ ا) ڪڙيو گھنور مرڪزي امام بارگاھ شھزاده علي اڪبر  دربتول ڪڙيو گھنور مان ڇھين محرم تي ھر سال وانگر  هن سال به ماتمي جلوس برآمد ٿيو، جلوس ترائي، مصري شاهه جو ڍير، کورواه ۽ ٻين هندن تان پهتا، جلوس جئين ئي ڪڙيوگهنور شهر ۾ داخل ٿيا ته هر طرف  سلام يا حسين جي صدائن جي گونج  هئي، ماتمي جلوس پريس ڪلب چوڪ تي مين روڊ تي ڪربلا جي شهيدن جي ياد کي تازو ڪندي  زنجيرن سان ماتم ۽ سينا زئي ڪئي  ماتمي جلوس جي نگراني مرڪزي امام بارگاھ جي رضا علي سمون، سيد شرف الدين شاھ بخاري،  سيد فده حسين شاھ، غلام حسين قمبراڻي، مولائي رفيق حسين نظاماڻي صفر قمبراڻي ۽ ٻين ڪئي. ٻئي پاسي راڄوخاناڻي شھر ۽ آس پاس ۾ محرم الحرام جي حوالي سان مجلسون ، عزادري ،ماتم ۽ علم پاڪ سنگهاري سوار ڪيا ويا. مختلف امام بارگاهن تي مجلسون منعقد ڪيون ويون آهن مجلسن کان پوءِ ماتم سينا زني ء عزادارن عزادري پڻ شروع ڪئي وئي آهي راجوخاناڻي شھر جي قديمي امام بارگاه بخاري امام بارگاھ.حيدري دلاور امام بارگاھ، امام زمانه طاھرفقير امام بارگاھ سميت مزارين.خاصخيلي.۽ ٻين مختلف پڙن تي پڻ مجلسون منعقد ڪيون ويون.راڄوخاناڻي مسجد امام زمان ۾ سائين روشن چانڊيو آف ٽنڊوباگو گل شاھ امام بارگاه ۾ سائين ميرخان سنجراڻي آف دوڙ مرڪزي امام بارگاهه دلاور قمبراڻي تي قبلا سائين ساجدعلي ساجدي آف خيرپورميرس واري خطاب ڪيو.