ڪڍڻ (ن پ ا)  ڪڍڻ لڳ يوسي عبداللہ شاھ مان گذرندڙ 4 آر سم نالي ۽ ٽنڊو باگو 5 آر سم نالي جي کاٽي نہ ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن اوڀايو پنھور ڪبير احمد جمالي مير محمد پنھور غلام حسين جمالي ڏاڏا جمالي اشرف بجير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھر ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته سم نالين جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري ھر سال ميھوڳي جي مند ۾ اسان جو علائقو ٻڏي وڃي ٿو گذريل سال سخت احتجاج کانپوء نڪاسي کاتي جي عملدارن نالي ماتر ڪم ڪرائي آيل رقم ھڙپ ڪري ڇڏي ھن وقت به سم نالين جي صفائي ۽ کاٽي نه ٿي آھي جڏھن ته سرڪار پاران وڏي بجٽ موجود ھئڻ باوجود ڪامورا شاھي ڪم ڪرڻ لاء تيار ناھي ھر سال کاٽي جي مد ۾ ڪوڙن بلن ذريعي ڪروڙين روپيا ھڙپ ٿيو وڃن ۽ پوڇڙ وارو علائقو ڪامورا شاھي جي ڪوتاھين سبب ٻڏيو وڃي ھنن سنڌ سرڪار نڪاسي کاتي ۽ ارباب اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد مذڪوره سم نالين جي کاٽي ڪرائي وڃي تہ جيئن امڪاني برساتن دوران وڏي تباھي کان بچي سگھجي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.