ڪڍڻ (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي ڪڍڻ جي 4 وارڊن تي ٿيندڙ مڪاني چونڊ جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي مطابق جي ڊي 2، پ پ 1۽ ھڪ وارڊ تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿي ويو،  وارڊ نمبر ھڪ جي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ جو صدام حسين جمالي 685 ووٽ  کڻي ڪامياب ٻي نمبر تي جي ڊي اي جو امام ڏنو چانڊيو 401 ووٽ کڻي سگھيو، وارڊ 2 جي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي جي ڊي اي جو محمد جمن واھرو 346 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ جي غلام حسين جمالي 289 ووٽ کڻي ھارائي ويو، وارڊ3 جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي وڏو اپ سيٽ ڪندي آزاد اميدوار ڏاڏا خان محمد جمالي 124 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏھن ته پ پ جو نور محمد ملاح ۽ جي ڊي اي جو علي نواز خاصخيلي 63  ووٽ کڻي ھارائي ويا. وارڊ نمبر4 جي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي جي ڊي اي جو مڀر محمد بجير 380 ووٽ کڻي ڪامياب، جڏھن ته جي يو آءِ جو اميدوار مولانا الله بخش نوتيار 284 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي رھيو.