حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ جياسڪولن ۾ استادن جي حاضري چڪاسڻ وارو نظام ڪارگر ثابت نه ٿيو، ڪڍڻ جي تماچي بجير پرائمري اسڪول واري واقعي ۾ مانيٽرنگ آفيسر خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي، 2 جاچ ڪميٽين به مانيٽرنگ آفيسر خلاف پنهنجي رپورٽ ۾ هڪ لفظ نه لکيو، تعليم کاتي سنڌ به مانيٽرنگ آفيسر خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي. سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾ استادن جي حاضري چڪاسڻ وارو مانيٽرنگ نظام نتيجا ڏئي نه سگهيو آهي، جڏهن ته ڪڍڻ جي پرائمري اسڪول ۾ پيش آيل واقعي ۾ به مانيٽرنگ آفيسر خلاف ڪا ڪارروائي عمل ۾ نه آندي وئي آهي. ڪڍڻ جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول تماچي بجير ۾ هيڊ ماسترياڻي تنجينا زهرا ۽ ماستر مظفر کٽي تي تشدد ڪندڙ ماستر امتياز احمد عمراڻي ڄاڻايل اسڪول ۾ جيتوڻيڪ ڪيتري ئي عرصي کان زباني حڪم تحت ڊيوٽي ڪري رهيو هو پر مانيٽرنگ آفيسر پاران ان جي ڪا به نشاندهي نه ڪئي وئي. تعليم کاتي جي آفيسرن پاران ٻن ڌار ڌار جاچ رپورٽن ۾ به مانيٽرنگ آفيسر خلاف ڪارروائي لاءِ سفارش جو هڪ لفظ به نه لکيو ويو آهي. انهن رپورٽن ۾ جيتوڻيڪ چيو ويو آهي ته امتياز احمد ولد محمد عمر عمراڻي جي مقرري گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڌڻي بخش خاصخيلي ۾ ٿيل هئي پر هو اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر محمد اسلم پٺاڻ جي زباني اجازت سان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول تماچي بجير ۾ ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ ايندو هو. سيڪريٽري ايجوڪيشن کي موڪليل اهي رپورٽون ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر محمد صالح ڪوريجو ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف پرائمري اسڪولز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر (پي اينڊ ڊي) فريده جماڻي ميمڻ جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڌار ڌار جاچ ڪميٽين پاران تيار ڪيون ويون آهن. انهن ٻنهي رپورٽن ۾ اهو واضح ذڪر ٿيل آهي ته هيڊ ماسترياڻي ۽ ماستر کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ استاد امتياز احمد عمراڻي ان اسڪول ۾ زباني طور مقرر ٿيل هو پر ڪنهن به رپورٽ ۾ مانيٽرنگ آفيسر جي نااهلي ۽ ان خلاف ڪارروائي جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي وري کيس زباني طور هڪ اسڪول مان ٻئي اسڪول ۾ مقرر ڪندڙ اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر بدين خلاف ڪارروائي جي ڪا سفارش ٿيل آهي. واضح رهي ته سرڪاري ملازم زباني طور تي ڪنهن به هڪ آفيس مان ٻي آفيس ۾ ڪم نٿا ڪري سگهن. اهڙي طرح ماستر به زباني حڪم تحت هڪ اسڪول مان ٻي اسڪول ۾ ڪم ڪرڻ جا مجاز نه آهن. ڊيپوٽيشن ۽ ٻين اهڙين مقررين تي خود سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ٻين لاڳاپيل عدالتن پاران به پابندي مڙهيل آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پرائمري اسڪولز احمد دين ميراڻي اعتراف ڪيو ته سندن ڊائريڪٽوريٽ ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پاران مانيٽرنگ آفيسر خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪا به سفارش نه ڪئي وئي آهي جڏهن ته اهو ڪم خود سيڪريٽري پاڻ ڪندو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته خود تعليم کاتو سنڌ به مانيٽرنگ آفيسر جي نااهلي ۽ معاملن کان چشم پوشي جي معاملي تي اڃا تائين خاموش تماشائي بڻيل آهي.