ڪنڌڪوٽ:ايس ايس پي عرفان سمون ٻڌايو ته ڪچي ۾ آپريشن ڳجھي اطلاع ملڻ تي آپريشن ڪيو ويو.ايس ايس پي جو چوڻ هو ته اطلاع مليو ته بدنام ڏوهاري خادم ڀيو گينگ پڪي طرف ڏوهي سرگرميون ڪرڻ لاءِ چرپر ڪري رهيا آهن ۽ اهڙي اطلاع تي اسين ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ڪيو، هن چيو ته اسين موقعي جي تلاش ۾ هئاسين ته ڌاڙيلن جي چرپر ٿيندي ئي آپريشن ڪيو ويندو.ايس ايس پي دعويٰ ڪئي ته پوليس آپريشن ۾ ڏوهاري خادم ڀيو گينگ جو نقصان ٿيو آهي.