ڪچي پل (ن پ ا ) ڳوٺ حاجي  غلام حيدر کوسو ۾ چور بجلي جي ٽرانسفارمر جا ڪوئل چوري ڪري ويا. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته بجلي ڪيترن ئي مهينن کان بند آهي، چور آساني سان ٽرانسفارمرن مان ڪوئل چوري ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا، هنن  وڌيڪ چيو اڳ ۾ بجلي نه هئڻ سبب ڳوٺ اونداهي ۾ ٻڏل هو ٻئي طرف چورن هي ويڌن ڪئي آهي، ڳوٺاڻن ربيع پوليس کان مطالبو ڪيو ته چورن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل ڪوئل واپس ڪرايا وڃن.