ڪچي جي ڌاڙيلن سوڌو 28 خطرناڪ ڏوھارين جي سر جي قيمت رکڻ جي سفارش

0
1161

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۾ ڏوهارين جي سِر جي قيمت مقرر ڪرڻ بابت ڪميٽي ڪچي جي ڌاڙيلن سوڌو 28 خطرناڪ ڏوهارين جي سِر جي قيمت رکڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، ڪراچي ۾ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد جي صدارت هيٺ صوبائي ڪميٽي جي اجلاس دوران ڏوهارين جي سِر جي قيمت بابت تيار ڪيل فهرست جو جائزو، بدنام ڌاڙيل منير مصراڻي جَي سِر جِي قيمت 10 لک رُپين مان وڌائي هڪ ڪروڙ رُپيا ڪرڻ جي سفارش، شڪارپور جي ڪچي ۾ اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث ڌاريل لُڊو تيغاڻي جي سِر جي قيمت 5 لک رُپيا رکڻ جي سفارش، سِر جي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ فهرست ۾ ڌاڙيل واجد ڪنڊراڻي، واشو بنگلاڻي، بهارو ڏاهاڻي، خان محمد ڏاهاڻي، سرور ڪٽوهر، ڪشو گلواڻي ۽ حضورو بنگلاڻي جا نالا به شامل آھن.