ڪچو شراب مامرو: 2 ڊي ايس پيز ۽ 2 ايس ايڇ اوز کي معطل ڪندي ريجن نيڪالي ڏني وئي

0
425
ڪچو شراب مامرو
ڪچو شراب مامرو: 2 ڊي ايس پيز ۽ 2 ايس ايڇ اوز کي معطل ڪندي ريجن نيڪالي ڏني وئي!

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٽنڊي الهيار ۽ ٽنڊي ڄام ۾ ڪچو شراب پيئڻ سبب 19 ڄڻن جي فوت ٿيڻ وارو معاملو، 2 ڊي ايس پيز ۽ 2 ايس ايڇ اوز کي معطل ڪندي ريجن نيڪالي ڏني وئي

سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، ايڊيشنل آءِ جي جاچ آفيسر مقرر، ان ڏس ۾ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو ڄام ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب 19 ڄڻن جي فوت ٿيڻ وارو معاملي جو نوٽيس ورتو آهي

آءِ جي سنڌ ايڊيشنل آءِ جي انٽرنل اڪائونٽيبلٽي بيورو فرحت جوڻيجو کي جاچ آفيسر مقرر ڪندي حڪم ڏنو آهي ته معاملي جي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي جاچ ڪئي وڃي ۽ مجرماڻي غفلت ڪندڙ توڙي شراب جي اڏن جي سرپرستي ڪندڙ اهلڪارن توڙي آفيسرن جو تعين ڪيو وڃي ۽ مٿن ذميواري لاڳو ڪئي وڃي ۽ 7  ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي

آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ٽنڊي ڄام ۽ ٽنڊي الهيار جي ايس ايڇ اوز پرويز خان ۽ عبدالله ۽ لاڳاپيل ٻنهي ڊي ايس پيز کي معطل ڪري سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي