اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪپهه جي آبادگارن لاءِ وڏو فيصلو ڪندي هلندڙ سال ڪپهه جي في مڻ جي قيمت 8500 رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزير اعظم  هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪپهه جي في مڻ جي  امدادي قيمت جلد کان جلد اي سي سي ۾ منظور ڪرائڻ لاءِ سمري پيش ڪئي وڃي، صوبائي حڪومتون هارين کي ڪپهه جي مقرر ڪيل قيمت جي فراهمي يقيني بڻائن، هن چيو ته وفاقي حڪومت مقرر ڪيل امدادي قيمت تي عملدرآمد جي لاءِ صوبائي حڪومتن جي هر ممڪن مدد ڪندي، حڪومت ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته ڪپهه جي فصل جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ لاءِ تجويزون جوڙڻ ۾ فوڊ سيڪيورٽي وزارت تيز رفتاري سان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري، ڪپهه پاڪستان جو مٽا سٽا جو ناڻو ڪمائڻ وارو فصل آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي ٽاسڪ فورس جو جائزه اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، طارق بشير چيما، پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ ۽ ڪپهه جي امدادي قيمت مقرر ڪرڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال ٻوڏ، برساتن، نهري پاڻي جي کوٽ ۽ ڀاڻ جي بحران سبب ڪپهه جي پيداوار ۾ جوڳي گهٽتائي ٿي، هلندڙ سال ڪپهه جي مجموعي پيداوار جو ڪاٿو 12.77 ملين بيلز لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ڪپهه جي امدادي قيمت ۽ حڪومت جي قدمن جي ڪري نه صرف ڪپهه جي پوک جي ايراضي تي في ايڪڙ پيداوار ۾ به جوڳو اضافي جو امڪان آهي، اجلاس ۾ ڪپهه جي في ايڪڙ لاڳت ۽ ان جي ٻين فصلن سان ڀيٽ به  پيش ڪئي وئي، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪپهه اسان جي ٽيڪسٽائل جي صنعت لاءِ ڪرنگهي جي هٿي جي حيثيت رکي ٿي، اسان ڪپهه جي آبادگارن کي سهولتون فراهم ڪري ان جي پيداوار ۾ اضافو ڪنداسين، ان سان نه صرف ٽيڪسٽائل جي ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيندو پر ڪپهه جي امپورٽ تي خرچ ٿيندڙ قيمتي مٽا سٽا جو ناڻو به بچائي سگهجي ٿو، وزيراعظم فوري طور تي انهن قدمن تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي.