ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ ڳوٺاڻن کي ڪٽ ھڻڻ ڏکيو پئجي ويو، انتظاميا 15 کان مٿي ڳوٺاڻن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ ھارون سمون وٽان برساتي پاڻي ۾ ٻڏل ڳوٺن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڳوٺاڻن ڪٽ هنيو هو، جنهن تي انتظاميا حرڪت ۾ ايندي تپيدار اظھر ميمڻ جي فرياد تي مختلف ڳوٺن جي 15 کان وڌيڪ متاثرن تي ڊيوٽي اٽڪاءُ، سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ڪنري شهر کي ٻوڙڻ جي ڪوشش جو ڪيس ڪنري ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، ڪيس ۾ اشرف سمون، عمر سمون، هاشم سمون، مالڪ سمون، ڀوڄو ميگهواڙ ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ھوڏانھن اطلاع آهن ته ڪيس ۾ نامزد ڪجھه جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي پر پوليس ان جي تصديق ناهي ڪئي.