ڪراچي(ڳالهه ٻولهه: فقير سليم ) سنڌ جي راندين بابت خاص معاون ارباب لطف الله چيو آهي ته جهڏو شهر پراڻ ڍوري ۾ اڏيل  هجڻ ڪري ٻڏي ويو آهي، ٽنڊو جان محمد ڀرسان هڪ شخص جي رڪاوٽ هئڻ ڪري اتان به پاڻي نيڪال نه پيو ٿئي، مون پنهنجا ذاتي لاڳاپا استعمال ڪري ۽ منٿون ڪري هاڪڙي جو لنگهه بحال ڪرايو آهي، ٻڏي وڃڻ وارا چون ٿا ته اسان جو پاڻي نيڪال ڪري ٻڏڻ کان بچي ويل ماڻهن کي ٻوڙيو، آئون نٿو سمجهان ته پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪٽ جو مطالبو کڻي احتجاج ڪندڙن جي پٺيان مير طارق ٽالپر هوندو، ٽائيم نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته هن وقت سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ جو پاڻي شڪور ڍنڍ طرف وڃي پيو، ايئن ئي ميرپورخاص جو ڪافي پاڻي نڪري ويو آهي، پنگريو کي ٻوڙيندڙ ڪٽ به جلد بند ٿي ويندو، هن چيو ته چائنا دڪي مٿان 10 فوٽ پاڻي هلي پيو، ايل بي او ڊي ذريعي روزاني 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي سمنڊ طرف وڃي پيو، هن چيو ته سوشل ميڊيا وارن  دانشورن جي چوڻ تي آر ڊي 211 وٽان ڪٽ ڏيڻ جي صورت ۾ رهيل علائقا ٻڏي ويندا، اتي رهندڙ هزارين ماڻهن جي گهرن مٿان 20 فوٽ کان مٿي تائين پاڻي گذرندو، هن چيو ته جيڪي ماڻهو اڳ ۾ ٻڏي ويا آهن، اهي وري چون ٿا ته رهيل ماڻهن کي به ٻوڙيو ته اهو ڪڏهن ڪونه ٿيندو، سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ٻوڏ کان بچي ويل علائقن کي نه ٻوڙينداسين، هن چيو ته احتجاج ڪندڙ ماڻهن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرائينداسين، اميد آهي ته 15 کان 20 ڏينهن ۾ سڄو پاڻي نڪري ويندو،  اسين ڪڻڪ جي پوکي به ڪنداسين، هن چيو ته جيڪي ماڻهو سوشل ميڊيا ذريعي چون ٿا ته مون پنهنجي ٻني بچائڻ لاءِ ڪٽ هڻڻ ناهي ڏنو، اهي پاڻي جي لنگهه تي منهنجي هڪ ايڪڙ ٻني به ڏيکارين ته آئون استعيفا ڏئي ڇڏيندس، هن چيو ته منهنجي ٻني انهي پاسي ناهي، سال 2011ع ۾ ڊاڪٽر  ذوالفقار مرزا پاران 4-5 اجايا ڪٽ ڏيارڻ وقت به منهنجي زمين نه ٻڏي هئي، هن چيو ته  ڪٽ لڳڻ سان ڪو به فائدو نه ٿئي ها ويتر نقصان ٿئي ها انهي ڪري مون ڪٽ جي مخالفت ڪئي، هينئر به چوان ٿو ته سو سيڪڙو يقين سمجهو ته ڪٽ لڳڻ نه ڏينداسين، مير طارق کي ڪنهن غلط گائيڊ ڪيو هو، انهي ڪري وزيراعليٰ جي هدايتن تي هو صوبائي وزير سيد سردار شاهه ۽ ڄام خان شورو سان گڏ آيو هو، مون انهن کي ڪاٺڙي وٽ وزٽ ڪرائي ٻڌايو ته هتان کان پاڻي نڪري پيو، ڪٽ لڳو ته رهيل ماڻهو اجايو ٻڏي ويندا، انهن مسڪين ماڻهن ڪري مون ڪٽ جي مخالفت ڪئي، جيڪا ڳالهه سردار شاهه سمجهي، آبپاشي کاتي  ۽ ڪور فائيو جي انجنيئرن به انهي ڳالهه سان اتفاق ڪيو، جنهن بعد مير طارق به انهي ڳالهه کي سمجهي ورتو هو پر پوءِ به الائي ڇو هن چيو ته ڪٽ لڳڻ گهرجي، هن چيو ته هن وقت جيڪي ماڻهو روڊ تي ويٺا  آهن، انهن کي يقين ٿو ڏياريان ته ڪٽ ڪونه لڳندو، اوهين احتجاج ختم ڪريو، باقي حڪومت اوهان تي طاقت جو استعمال ڪري روڊ نه کولرائيندي، هن چيو ته اهو چوڻ فضول آهي ته مير طارق ۽ منهنجي وچ ۾ اختلاف آهن ۽ اسان ماڻهو ويهاريا آهن، ماڻهو انهن قومپرستن ويهاريا آهن، جن کي سدائين عوام رد ڪيو آهي، ميرطارق سان منهنجا ذاتي تعلقات آهن اهو ڀلو ماڻهو آهي، هن چيوته  سردار شاهه سان ڪا ڏند چڪ نه پر ڳالهيون ٿيون هيون، هن چيو ته بدين ضلعي مان 85 سيڪڙو پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي، ٻوڏ جي پاڻي تي ڪا سياست ناهي ٿي، پيپلزپارٽي ۾ ڪي به اختلاف ناهن.