نئون ڪوٽ (ن پ ا) اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم چيو آهي ته مير منور ٽالپر ايترو ڪمزور آھي جو ڪٽ وارو مسئلو حل ناهي ڪري سگهيو، اسان وارو ايم پي اي ايترو مضبوط آھي جو ڪٽ ڏيڻ نه ڏنائين، اهي ٻئي عوام کي بيوقوف پيا بڻائين، نه هُن ڪٽ ھنيو ۽ نه ھن ڪٽ ھڻڻ ڏنو، انهن جي بيان بازي جي ڪري وقت گذري ويو ۽ ماڻھو ٻڏل رهيا، ھاڪڙي درياهه جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هاڻي پاڻي آھستي آھستي لهي پيو، هن چيو ته مون کي ايل بي او ڊي کي ڪٽ ڏئي ڍوري پراڻ ۾ پاڻي نيڪال ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي ڇو ته پراڻ درياهه ۾ هن مهل ايتري مقدار ۾ پاڻي ناهي، ان سلسلي ۾ مون چيف انجنيئر ظريف کهڙي سان به ڳالھايو پر هن چيو ته ڪٽ ڏيڻ سان پاڻي سڄي سسٽم کي تباهه ڪري ڇڏيندو، پاڻي پنهنجي مرضي سان اسپائنل ڊرين مان گذري رهيو آھي، ٽيڪنيڪل ماڻھو ڪٽ ڏيڻ کان منع ڪري رهيا آھن، اسان کي اعتراض ناهي، هن چيو ته پ پ جا نمائندا هن وقت سياست چمڪائڻ ۾ پورا آھن، ٻوڏ واري صورتحال کان اڳ ڪم لاءِ تيار ناهن هوندا، هن چيو ته قدرتي وهڪرن کي بحال ڪري پاڻي کي گس ڏنو وڃي، مون پنهنجي وڏ وزارت دوران قدرتي وهڪرن جي بحالي لاءِ ڪم شروع ڪيو ته حڪومت جو مدو پورو ٿي ويو، منهنجي وڏ وزارت دوران انجنيئرن مون کي صلاح ڏني ته ٿر ۾ ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي پاڻي زراعت لاءِ استعمال ڪيو مون ان تي سروي ڪرائي هئي، هن چيو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي حڪومت قدرتي وهڪرن جي بحالي لاءِ ڪم ڪري، اسان سهڪار لاءِ تيار آھيون،