نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ رياست ڪيرالا جي ڳوٺ ۾ هڪ ڪُڪِڙِ 6 ڪلاڪن دوران 24 آنا لاهڻ کانپوءِ پولٽري ماهرن سوڌو سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. جانور پاليندڙ ڌرين ۾ ڪڪڙ جي ٿوري وقت ۾ 24 آنا لاهڻ تي گھڻو بحث ڪيو پيو وڃي ۽ ان کي هڪ ڪارنامو قرار ڏنو پيو وڃي. ڀارتي ميڊيا موجب هيءَ ڪڪڙ V380 هائبرڊ نسل جي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪڪڙ جي مالڪ بيجو ڪمار ان کي منڊڪائيندي ڏٺو، جنهن کانپوءِ هن ڪڪڙ جي ٽنگن تي تيل هنيو هو پر ڪجهه دير کانپوءِ ئي ان آنا لاهڻ شروع ڪري ڇڏيا. ڀارتي ميڊيا موجب ڪڪڙ پاران ايتري انگ ۾ آنا ڏيڻ جي خبر ڳوٺ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي ۽ مقامي ماڻهن بيجو جي گھر کي گھيري ڇڏيو. بيجو ۽ سندس گھر واري 7 مهينا اڳ ڪُڪِڙِ کي بينڪ قرض جي مدد سان خريد ڪيو هو.