پشاور(م ڊ) لڪي مروت ۽ ٽانڪ ۾ آدمشماري ٽيم تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ۽ 8 زخمي ٿي پيا. لڪي مروت صدر ٿاڻي جي حد ۾ آدمشماري ٽيم تي موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪئي، جنهن سان ڊيوٽي تي مقرر هڪ پوليس اهلڪار دل جان شهيد ٿي ويو، جڏهن ته اڻڄاتل جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. هوڏانهن ٽانڪ ۾ گومل جي علائقي ڪوٽ اعظم ۾ به آدمشماري ٽيم تي فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ سان هڪ پوليس اهلڪار خان نواب شهيد ۽ 8 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي ڊي ايچ ڪيو اسپتال نيو ويو. ڊي پي او جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.