گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگھڙ)گهوٽڪي جي اين ڊي اي وي هاءِ اسڪول واري امتحاني سينٽر اندر خيبر  پختونخواه ۽ پنجاب صوبي جي شاگردن پاران امتحان ڏيڻ جو انڪشاف. ان سلسلي ۾ شاگردن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان کي ڊگري ڪاليج گهوٽڪي جي پرنسيپال يونس عباسي ۽ ڪلارڪ منصور چاچڙ امتحاني سلپون ڏنيون آھن. امتحاني سينٽر ۾ مقرر ايڪسٽرنل ۽ اسڪول پرنسپال احسان احمد ملڪ ٻڌايو ته امتحان ڏيندڙ ٻئي شاگرد امان الله پٺاڻ ۽ مجيب پٺاڻ خيبر پختونخواه ۽ پنجاب صوبي سان تعلق رکن ٿا. اها خبر ناهي ته بورڊ انتظاميا طرفان کين ڪيئن سلپون جاري ڪيون ويو آهن. جساف ڪارڪنن رشيد سنڌي، وهاب سهتو ۽ ٻين امتحاني سينٽر ٻاهران احتجاج ڪندي چيو ته ڪاليج جي پرنسيپال يونس عباسي ۽ ڪلارڪ منصور چاچڙ رشوت عيوض سلپون جاري ڪري ٻين صوبن جي اميدوارن کان امتحان ڏياري رهيا آهن. هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڊگري ڪاليج پرنسپال محمد يونس عباسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته کيس معاملي جي ڄاڻ ناهي. ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد پتو پيو آهي. معاملي جي جاچ لاءِ 4 چار رڪني ڪاميٽي جوڙي ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آهي. ٻاهرين صوبن جي شاگردن کي غيرقانوني طور امتحان ۾ وهاريندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.