ڪرڪ (م ڊ) ڪرڪ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مقامي صحافي وسيم عالم مارجي ويو. پوليس موجب واقعو ميٺا خيل ۾ پيش آيو، جتي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري مقامي صحافي وسيم عالم کي قتل ڪيو. پوليس جو چوڻ هو ته واقعي کانپوءِ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ڪرڪ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مقتول جي وارثن جي فرياد تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. بعد ۾ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪو جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.