پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي نگران ڪابينه جي جوڙجڪ تي گورنر ۽ اڳوڻي اپوزيشن اڳواڻ اڪرم دراني ڪنهن نتيجي تي ناهن پهچي سگهيا. ذريعن موجب خيبرپختونخواهه جو گورنر غلام علي ۽ اڳوڻي اپوزيشن اڳواڻ اڪرم خان دراني جي گورنر هائوس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ نگران ڪابينه جي معاملي تي مشاورت ڪنهن به حتمي نتيجي تي ناهي پهچي سگهي. ذريعن موجب موجب خيبرپختونخواهه ۾ نگران ڪابينه جا نالا فائنل ناهن ٿي سگهيا ۽ پي ڊي ايم پارٽيون به اڃا تائين پنهنجا نالا فائنل ناهن ڪري سگهيون. ذريعن موجب اڪرم خان دراني جي ٻن ڏينهن ۾ خيبر پختونخواهه جي گورنر سان ٻي ملاقات ٿي آهي هو گذريل ڏينهن به 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ گورنر هائوس ۾ موجود رهيو. ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ڊي ايم نگران ڪابينه جي لاءِ 16 کان 18 نالن جي لسٽ تيار ڪري ورتي آهي جڏهن ته وڏو وزير اعظم خان مختصر ڪابينه ٺاهڻ جو حامي آهي.