ڪراچي (م ڊ) سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر لطيف آفريدي جي قتل تي قومي اڳواڻن افسوس جو اظهار ڪيو آهي.اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته لطيف آفريدي جمهوريت پسند هو ۽ شدت پسندي جو سخت مخالف هو، جمهوريت جي بحالي لاءِ سندس ڪوششون وسارڻ جوڳيون ناهن. هن چيو ته پ پ قيادت ۽ ڪارڪن لطيف آفريدي جي خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، لطيف آفريدي جو قتل انتهائي افسوسناڪ آهي. جمعيت علماءِ اسلام ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان به قتل جي مذمت ڪندي چيو ته ڏينهن ڏٺي لطيف آفريدي تي قاتلاڻو حملو صوبائي حڪومت جي ناڪامي آهي، ڪي پي حڪومت سڄي صوبي ۾ باهه لڳائي استعيفيٰ ڏئي رهي آهي، واقعو افسوسناڪ آهي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته لطيف آفريدي مظلومن جو مضبوط آواز هو، سندس قتل جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاه، خادم ٽالپر، ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، ڀائو درمحمد ٻرڙو، رشيد سڌايو، نثار چنه، امير گل ڪٽوهر، شير چانڊيو ۽ ڪليم ملڪ قتل جي مذمت ڪندي چيو ته عدالتن اندر بار روم ۾ وڪيلن کي قتل ڪرڻ کليل دهشتگردي آهي، عدالتن اندر وڪيل محفوظ ناهن، ائين انسان جو قتل ڪرڻ وحشي درندي کان گهٽ ناهي.