پشاور (بيورو رپورٽ) ڪي پي جي علائقي گنجئي ڪلي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جامع مسجد جو پيش امام مارجي ويو آهي، پيش امام ميان عمر شاهه پٽ سيد علي شاهه مسجد کان پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته رستي ۾ اڻڄاتل ٻن موٽر سائيڪل سوارن ڪلاشنڪوف سان مٿس انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان طبي امداد ڏيڻ بعد مردان نيو ويو پر زخمن جا تاب نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو،جڏهن ته واقعي بعد جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري پهچي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو..