ڪي پي جا حڪمران به ٽي ٽي پي جي نشاني تي، وزير کان 80 لک ڀتو طلب، وزيراعليٰ جي ڀاءُ کي به ڌمڪي

0
180
ڪي پي جا حڪمران به ٽي ٽي پي

پشاور(م ڊ) ڪي پي ڪي ۾ ٽي ٽي پي وري وڏي پئماني تي سرگرم ٿي وئي، صوبائي وزير کان پابندي پيل تحريڪ طالبان پاڪستان مردان 80 لک رپيا ڀتو طلب ڪندي نه ڏيڻ تي کيس قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، جڏهن ته وڏي وزير جي ڀاءُ کان به ڀتو طلب ڪرڻ جا اطلاع آهن

نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب پابندي پيل ٽي ٽي پي خط لکي خيبرپختون خوا جي خوراڪ، راندين، نوجوانن جي معاملن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير عاطف خان کي خط لکي 80 لک رپيا ڀتو طلب ڪيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اسان توهان کي تمام ويجهي کان سڃاڻون ٿا توهان جي سموري ڊيٽا ۽ رڪارڊ اسان وٽ موجود آهي، توهان ٽي ٽي پي کي گهربل ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل آهيو توهان جو وارو اچي ويو آهي. لسٽ مان نڪرڻ لاءِ توهان کي اسان جو مطالبو مڃڻو پوندو يا وري زندگي تان هٿ کڻڻو پوندو. اسان جو مطالبو 80 لک رپين جو آهي اسان کي ٽن ڏينهن ۾ جواب ڏيو

ان باري ۾ عاطف خان چيو ته ٻين ماڻهن جيان مون کان به ڀتو گهريو ويو آهي. کائنس سوال ڪيو ويو ته ڇا وڏي وزير محمود خان جي ڀاءُ کان به ڀتو گهريو ويو آهي ته هن چيو ته باقي ماڻهن جي مون کي خبر نه آهي. خط لاڳاپيل سيڪورٽي ادارن سان شيئر ڪيو ويو آهي اڳتي انهن جو ڪم آهي

صوبائي حڪومت جي ترجمان بيرسٽر محمد علي سيف چيو ته ڪي پي حڪومت ڀتي جون ڪالون برداشت نه ڪندي جنهن کي به خط يا ڪال اچي ته اهو پوليس کي آگاهه ڪري عاطف خان ۽ ٻين کي مليل خط ۽ ڪالز جي جاچ ڪرائي ويندي ۽ قانون موجب قدم کنيو ويندو. ڪجهه ڏوهاري اهڙيون ڪارروائيون ڪن پيا انهن کي مڪمل ختم ڪيو ويندو

هن چيو ته طالبان کي سازش تحت اچڻ ناهي ڏنو، ڳالهين لاءِ هنن جا ماڻهو افغانستان مان آيا ته هو به اچي ويا، طالبان جي قيادت کي اپيل آهي ته هو پنهنجي ماڻهن کي واپس گهرائين جيڪي سوات ۾ يا پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾ آهن ۽ انهن وٽ هٿيار آهن ته انهن کي به واپس گهرايو وڃي. هن ماحول ۾ ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، سوات ۾ ٻيهر حالتون خراب نه ٿينديون. صوبائي حڪومت عوام سان گڏ بيٺي آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي: ايم ڪيو ايم لنڊن جو ”را“ جي تربيت يافته دهشتگرد گرفتار