پشاور (م ڊ) ڪي پي ڪي ايندڙ مالي سال جي 1118 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو، خصوصي مراعتون نه وٺندڙ ملازمن جي پگهارن ۾ 37 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته بيواهن جي پينشن ۾ 100 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي، پورهيت جي اجرت گهٽ ۾ گهٽ 21 هزار رپيا ڪرڻ جي پڻ شفارش ڪئي وئي، سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ ساڍا 3 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي، 4 هزار سي سي تائين جي گاڏين جي فيس گهٽائي وئي، زرعي ٽيڪس ۾ به ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته سمورن پيشن تي پروفيشنل ٽيڪس ختم ڪيو ويو.