ملڪاڻي شريف(ن پ ا) ملڪاڻي شريف ۾ جاري خيرپور پريميئر ليگ (ڪي پي ايل) ۾ ڪنگز لائن ۽ مھراڻ اليون رائونڊ کٽي ورتا. ملڪاڻي شريف ۾ جاري خيرپور پريميئر ليگ ۾ 2 رائونڊ ٿيا. پهرين رائونڊ ۾ ڪنگز لائن پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 114 رنز ٺاھيون. جواب ۾ اسٽار اليون مقرر 8 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 106 رنز ٺاھي سگھي. عابد شيدي کي ففٽي اسڪور ڪرڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٻي ميچ ۾ ڦراھو لائنز پھريان کيڏندي مقرر 8 اوررن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 112 رنز ٺاهيون. مھراڻ اليون 5 اوورن ۾ ھڪ وڪيٽ جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. صغير آرائين کي 22 بالن تي 13 ڇڪن جي مدد سان 90 رنز ٺاهڻ تي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو.