ڪي پي او حملي جي جاچ تيز، ڪراچي جي افغان بستي مان 3 شڪي جوابدار گرفتار

0
198
ڪي پي او حملي جي جاچ

ڪراچي ۾ پوليس آفيس تي حملي جي سهولتڪارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائيون جاري آهن، ڪراچي جي افغان بستي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هڪ گهر تي ڇاپو هنيو، 3 شڪي جوابدارن کي  گرفتار ڪيو ويو، پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو

ذريعن موجب جاچ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن طرفان ڪراچي ۽ ڄامشورو جي مختلف علائقن ۾ به ڇاپا جاري آهن، هيل تائين 10 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو

ڪراچي پوليس آفيس تي حملي ۾ ٽن پوليس اهلڪارن ۽ هڪ رينجرز جي سب انسپيڪٽر سميت  5 ڄڻا شهيد ۽  20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا، حملو ڪندڙ ٽئي دهشتگرد مارجي ويا هئا

هي به پڙهندا

ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي جاچ جو دائرو ڄامشورو ۽ ٻين شهرن تائين وڌايو ويو

ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ڪندڙ 3 دهشتگردن سان گڏ 2 سهولتڪارن جي گڏ اچڻ جو به انڪشاف