ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي هٿان ڪي پي او تي حملي ڪيس ۾ مارجي ويل ٻنهي  دهشتگردن جا لاش وارثن حوالي، وارثن جو احتجاج، 2 ڏينهن اڳ منگهو پير ۾  مارجي ويل ٻن دهشتگردن آرياد الله ولد گل قادر خان ۽ وحيد الله ولد سيف مالي خان جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، ڇيپا مرده خاني پهتل وارثن الزام لڳايو ته ٻنهي کي پوليس گرفتار ڪرڻ بعد مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو. ٻئي طرف پوليس ٻنهي مبينه دهشتگردن جا سي سي ٽي وي فوٽيج جاري ڪيا آهن، فوٽيجن ۾ ٻنهي کي ڪي پي او ٻاهران ڏسي سگھجي ٿو، آرياد الله کي اڇي شلوار قميص پاتل آهي،جيڪو ڪار مان لهي ٿو ۽ موٽرسائيڪل تي موجود وحيدالله سان گڏ ويهي ٿو. سي ٽي ڊي موجب ٻنهي جوابدارن ڪار ۾ سوار ٽنهي دهشتگردن کي ڪي پي او روانو ڪيو ۽ پاڻ فرار ٿي ويا، هوڏانهن سي ٽي ڊي  ٽي ٽي پي گدڙ گروپ جي اهم ڪمانڊر اسرار کي گرفتار ڪري ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي جوابدار جو تعلق دره آدم خيل سان آهي،