ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪي پي او تي ٿيل دهشتگرد حملي جي جاچ جاري آهي، حملي جي انويسٽيگيشن ڪندڙ پوليس ذريعن حملي ۾ استعمال ٿيل ڪار جي فرانزڪ مڪمل ڪئي وئي آهي، فرانزڪ دوران حملي آورن جا 5 فنگر پرنٽس (آڱرين جا نشان) حاصل ڪيا ويا، جن جو رڪارڊ نادرا مان چيڪ ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب ڪار مان حملي آورن جا جوتا، نماز جي ٽوپي، اجرڪ، رسو، پلاسٽڪ واري چٽائي، پٿراڻي، جوراب، ڪلاشنڪوف جو ميگزين، پلاسٽڪ جي ٻوري ۽ رومال مليا. گاڏي جي اصل مالڪ جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي. پوليس آپريشن ۾ مارجي ويل ٽئين دهشتگرد جي سڃاڻپ اڃا نه ٿي آهي، مارجي ويل دهشتگرد جا فنگر پرنٽس نادرا ريڪارڊ مان ميچ نه ٿي سگهيا. ٻئي طرف اهو به معلوم ٿيو ته دهشتگرد جنهن ڪار ۾ آيا، ان جا شيشا ڪارا هئا، شهر ۾ ڪارن شيشن تي پابندي آهي پر ان باوجود ڪار کي روڊ تي موجود پوليس نه روڪيو.