خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ جي ديهه قومي چارو جي ڳوٺ گلڻ لانڊر ، ڳوٺ ڳوٺ قومي چارو ، دائم چانڊيو ، ڳوٺ قادر بخش لانڊر ، ڳوٺ سلطان چانڊيو ، ڳوٺ ابراهيم چنا، ۽ رحمت الله ڪالوني جي کاتيدارن غلام علي لانڊر ، محمد رمضان لانڊر ، حاجي عرص چانڊيو ، علي چنا، امداد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مھراڻ پريس ڪلب اڳيان  زمينن تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين چيو ته قومي چارو ۾ ساڍا ٽي سؤ ايڪڙ زمين آھي، جنھن جا اصل ڪاغذ اسان وٽ موجود آهن، ھنن الزام هڻندي چيو ته بااثر اسان زمينن جا کاتا ڪوڙا ٺھرائي قبضو ڪري رهيا آهن، ڌمڪيون پيون ملن، انصاف ڪيو وڃي.