خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه جي جوکيا پاڙي ۾ 3 ورھين جي ناديه ڌيءُ عبداللطيف چانڊيو گھر ٻاھران  راند کيڏي رھي ھئي ته نامعلوم برقعا پوش عورت ٻارڙي جي ٻنهي ڪنن ۾ پاتل ھزارين رپين جا سونا والا سٽ ڏئي بيدردي سان  لاهي فرار ٿي وئي، ٻارڙي  جي ٻنهي ڪنن مان رت وهڻ لڳو، رڙين تي وارثن پهچي ٻارڙي کي  ٿاڻي تي کڻي پهتو، ٿاڻي تي معصوم نياڻي ناديه جي چاچي حاڪم چانڊيو نامعلوم عورت خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي، جڏهن ته  زخمي نياڻي کي اسپتال مان علاج وٺي کيس گهر موڪليو ويو.