خيرپورناٿن شاه ( ن پ ا) خيرپورناٿن شاه هاڪر ايسوسيئشن جي صدر  چيف هاڪر غلام مصطفي ٻگهيو مٿان اخبارون وڪرو ڪرڻ دوران وچ شهر ۾ آزاد چانڊيو نالي شخص  ڪهاڙي سان حملو ڪري سخت زخمي ڪري اخبارون ڦاڙي ڇڏيون هاڪر جي رڙين تي شهرين کيس ڇڏائي ورتو اطلاع تي وارث پهچي زخمي هاڪر کي اسپتال کڻائي پهتا، جتي ڊاڪٽرن سندس ايڪسري ڪرايو. صحافين هاڪرن پوليس اسٽيشن پهچي حملي آور شخص آزاد چانڊيو خلاف رپورٽ داخل ڪرائي، پوليس حملي آور کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي آهي، غلام مصطفي ٻڌايو ته مان اخبارون شهر ۾ کپائي رهيو هيس ته آزاد چانڊيو نالي شخص گار گند ڪندي چيو ته منهنجي خلاف خبرون ڪنهن هلايون آهن آئون توکي ماري ڇڏيندس هوٽل تي پيل ڪهاڙو کڻي منهنجي مٿان وار ڪيو. پوليس جوابدار پڪڙڻ لاءِ تيار ناهي، مونکي نقصان پهچائي سگهيو ٿو ان جو ذميوار ايس ايڇ او خيرپورناٿن شاه هوندو.