خيرپورناٿن شاهه ( رپورٽ ارشاد کوسو) ڪي اين شاهه ۾ نوجوان جي آپگھات جو ذميوار ڊيوائيس هولڊر قرار ڏنو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺ ماڻو خان گاڏهي ۾ هڪ هفتو اڳ 15 جنوري 2023 تي غربت سبب خودڪشي ڪندڙ نوجوان 22 ورهين جو گل حسن جي والد پورهيت گلزار گاڏهي ۽ سندس گهر واري ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته اسان جي پٽ جي خودڪشي جو ذميوار هڪ ڊوائيس هولڊر آهي ، پورهيت گلزار گاڏهي روئيندي ٻڌايو ته گل حسن پنهنجي ماءۡ کي بينظير انڪم سپورٽ جا پيسا وٺڻ لاء ڊوائس هولڊر ڏي وٺي ويو جتي ڊوائيس هولڊر چيو ته توهان جا فنگر نٿا لڳن سڀاڻي اچجو وري ٻي ڏينهن تي منهنجو پٽ  ماءۡ کي ساڳي ڊوائيس هولڊر ڏي وٺي ويو جنهن منهنجي گهر واري جا فنگر پرنٽس وٺي کين چيو ته سڀاڻي اچجو اڄ به فنگر نٿا لڳن ٽين ڏينهن تي ويا ته ڊوائيس هولڊر هنن کي جواب ڏنو ته توهانجا پيسا ناهن آيا منهنجي گهر واري پٽ ٻيء ڊوائيس واري کان ڪارڊ چيڪ ڪرايو جنهن کين ٻڌايو ته توهانجا پيسا آيا هيا جيڪي هاڻي نڪتل آهن جنهن تي منهنجو پٽ وري ساڳئي ڊوائيس هولڊر ڏي ماءۡ کي وٺي ويو ان باوجود ڊوائيس وارو مڃڻ کان انڪار ڪيو توهان جا پئسا مان ناهن ڪڍيا جنهن کي وڃي دانهن ڏيو.  ناهن پئسا وڃو. جنهن تي بيمار پٽ گل حسن پنهنجي امڙ کي وٺي روئيندا گهر پهتا جتي پٽ علاج ڪرائيڻ لاء دانهون ڪري رهيو هيو ته ڊوائيس واري پئسا نه ڏنا کائي ويو هاڻي منهنجي ڄنگه جو علاج ڪٿان ٿيندو مان هر روز سور ۾ تڙپي رهيو آهيان اهڙي جيئڻ کانپوء مان مري وڃان ته بهتر آهي بعد ۾ تنبو ۾ سندس لٽڪيل لاش مليو جنهن جي خودڪشي جو ذميوار اهو ڊوائيس هولڊر آهي.