خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ ٻوڏ متاثرين لاءِ سعودي اربيه کان آيل ٽينٽ ٿانو ۽ ٻيو ساما مختيارڪار خيرپورناٿن شاھ سعيد احمد کونهارو متاثرين بجاء من پسند ماڻهن کي ڏئي باقي راشن پنهنجي ذاتي جڳه تي رکي ڇڏيو، صبح کان وٺي متاثر عورتون توڙي مرد شام تائين انتظار ڪندا جڳه تي ويٺل عورتن مردن کي پوليس اهلڪارن سميت مختيار جي ذاتي عزيزن ڌڪا دڙڪا ڏيندا رهيا. متاثرن مختيارڪار جي اهڙي رويي خلاف خالد ڪنڀر ، نياز حسين گاڏهي ، هدايت الله پنهور ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته مختيارڪار سعيد احمد کونهارو اسان ٻوڏ متاثرن لاء سعودي اربيه کان آيل سامان پنهنجي ذاتي جڳه تي رکي من پسند ماڻهن کي ڪجه سامان ڏئي باقي سامان جڳه اندر بند ڪري 600 کان 800 مرد عورتن کي صبح کان شام تائين بيهاري ڇڏيو جنهن بعد ان پوليس اهلڪارن ۽ پنهنجن ذاتي ماڻهن کي چئي متاثر عورتن مردن کي ڌڪا ڏئي تذليل جو نشانو بڻائي گهران خالي هٿين ڪڍي ڇڏيو جيڪا اسان متاثرن سان وڏو ظلم ۽ زيادتي آهي راشن ڪجھ پنهنجن ماڻهن ۽ من پسند ماڻهن ڏئي باقي راشن ۽ ٽينٽ پنهنجي مخصوص جاء تي رکي ڇڏيو اسان کي سڄو ڏينهن انتظار ڪرايو اٿس، اسين چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ ، چيف سيڪريٽري سنڌ ڊي سي دادو کان پرزور مطالبو ڪندي مختيار ڪار جي ناجائيزن جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.