خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: ارشاد کوسو ) خيرپورناٿن شاهه ڀرسان رائيس ڪئنال نارا ڊسٽري جي آرڊي 4 کان ٻنهي ڪپرن تان حدخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن جو سلسلو تيز ٿي ويو، جڏهن ته رائيس ڪئنال انجنئر نديم جوکيو ۽ ايس ڊي او ٽن ڏينهن کان هلندڙ حددخليون هٽائڻ واري آپريشن دوران غائب رهيو، جڏھن ته آپريشن جي نگراني سب انجنيئر ۽ دراغو ڪرڻ لڳا، اڄ ٽين ڏينهن تي هيوي مشنري ذريعي آبپاشي سب انجنيئر سليم شيخ، داروغو محرم علي جانوري پنهنجي عملي سان گڏ رينجرس ۽ پوليس اهلڪار سان گڏ ڳوٺ جهنڊو خان گاڏھي، ٻيڙو خان گاڏھي، چوٻار ٻيڙو خان، ريهڻ خان گاڏھي، ننڍي چوٻار گوزو ۾ آپريشن ڪيو، آپريشن دوران ڳوٺاڻن ۽ ايريگيشن عملي ۾ گهر ڊاهڻ دوران ڏند چڪ ٿيا، ڳوٺاڻن مشين کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ته رينجرس ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري آپريشن ٻيهر شروع ڪرايو، جڏھن ته ڳوٺ چوٻار ۾ پڻ ڳوٺاڻن ۽ ايريگشن عملي ۾ جهڙپون ٿيون، ڳوٺاڻن زاهد علي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ته ايريگيشن عملو من پسند ماڻھن جا گهر نٿا ڊاهن، جڏھن ته اسان جي پاسي 60 کان 80 فوٽن تائين گهر ڊاٿا پيا وڃن، جيڪو ظلم آھي، ايريگيشن عملي آپريشن دوران 200 کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، هوڏانهن ڳوٺاڻن گلزار بروهي، رسول بخش بروهي، نبي وارث بروهي، عزيزالله بروهي دانيهندي چيو ته ايريگيشن گهر ڊاهي ظلم ڪيو آهي، کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.