ڪي اين شاهه ۾ بااثرن پاران نوجوان ناري ۽ سندس امڙ کي ڪپڙن کان آجو ڪيو ويو

0
392

دادو (رپورٽر) ڪي اين شاهه ۾ بااثرن پاران نوجوان ناري ۽ سندس امڙ کي ڪپڙن کان آجو ڪيو ويو، خيرپورناٿن شاهه واسڻ ماءُ ۽ ڌيءُ بااثرن خلاف دادو جي عدالت پهچي ويون

مسمات بچل کوسو پنهنجي نياڻي سان گڏ دادو جي عدالت ۾ دانهون ڪندي ٻڌايو ته ميرل کوسو پنهنجي پٽن منظور،  حاڪم ۽ ظفر سميت اغوا ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي

نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت ڪرڻ تي ميرل کوسو  پنهنجي پٽن کان وچ روڊ تي اسان کي ڪپڙن کان آجو ڪري تذليل ڪئي، ظلم ڪيو ويو آهي

مسمات بچل کوسو چيو ته خيرپورناٿن شاهه پوليس ڪيس  داخل نٿي ڪري ان جي ڪري عدالت  پهتيون آهيون، انصاف ڪيو وڃي

ان موقعي تي نوجوان ناري امڙ سان گڏ دانهيندي ٻڌايو ته روڊ سان وڃي رهيون هيوسين ته بااثرن حملو ڪري مون کي اغوا جي ڪوشش ڪئي، مون کي ڪپڙن کان آجو ڪيو ويو، زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، انصاف ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

دريا خان مري ويجهو پرائمري استاد اغوا، وارثن کان 35 لک روپيا ڀنگ طلب