فريدآباد (ن پ ا) ڪي اين شاهه واسي ٻوڏ متاثر نوجوان ڪراچي اسٽيل ٽائون سچل اسڪول ۾ قائم  ڪيمپ مان گم ٿي ويو،  ان ڏس ۾ احسان ولد نورنبي ڪورائي، ڪي اين شاهه ڪورائي پاڙي جو نوجوان ذھني توازن ٺيڪ نه ھئڻ ڪري گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول سچل پپري مان نڪري ڪالھه کان گم ٿي ويو آهي، نوجوان جي والد نورنبي ڪورائي ۽ ٻين پاران سنڌي ڳوٺ، شاهه ٽائون، گلشن حديد سميت ڀرپاسي ۾  گهڻي ڳولا ڪرڻ باوجود نوجوان جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، وارثن نوجوان جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.