حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ آبپاشي کاتي جي عملدارن کي حڪم ڏنو آهي ته ڪي اين شاهه مان فوري طور پاڻي نيڪالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي 26 آڪٽوبر تي رپورٽ عدالت کي فراهم ڪئي وڃي. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري الطاف سچل اعواڻ ڪي اين شاهه مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي. ٻڌڻي دوران آبپاشي، صحت ۽ لاڳاپيل کاتن جا عملدار پيش ٿيا. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس محمد سليم جيسر جي بئنچ ٻڌڻي ڪئي. وڪيل آگاهي ڏني ته عملدارن کي رائيس ڪئنال سميت ٻين واهن جا گهارا ۽ ڪٽ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو پر ان تي عمل ناهي ٿيو. آبپاشي عملدارن ٻڌايو ته انهن ايف پي بند جا سمورا گهارا بند ڪري ڇڏيا آهن رڳو هڪ گهارو رهيل آهي جيڪو جلد بند ٿي ويندو، سپريو بند کي لڳل گهارن مان ڪي اين شاهه شهر جو پاڻي واپس ڇوڙ پيو ٿئي ان ڪري في الحال اهي گهارا بند نٿا ڪري سگهجن. عملدارن دعويٰ ڪئي ته انهن 80 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي نيڪال ڪرائي ڇڏيو آهي پر وڪيل دعويٰ رد ڪندي چيو ته اڃا تائين هاءِ اسڪول، گرلز ۽ بوائز ڪاليج سميت تعلقي اسپتال ۾ به ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي جنهن ڪري علائقي واسي سخت پريشان آهن. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عملدارن کي حڪم ڏنو ته هفتي دوران پاڻي نيڪال ڪرائي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت کي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي.