خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ لڳ ڳوٺ دلمدراد مڱڻھار واسي راشد مڱڻھار جي 14 ورهين  جي نياڻي صائمه عرف ڪرينا گهرن ڀرسان ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي، ٻارڙن جي رڙين تي پاڙي وارا پهچي نينگري جي لاش جي ڳولها ڪري ڳوٺ ڀرسان نينگري جو لاش هٿ ڪري گهر آندو ته لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو ڳوٺ ۾ سوڳ ڇائيجي ويو، خيرپورناٿن شاھ ۾ ٻوڏ ۾ لڙهي ويل ۽ مختلف بيمارين ۾ ۽ بک بدحالي سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 35 ٿي ويو آهي. خيرپورناٿن شاھ جا ڳوٺ اڃان تائين ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، 45 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻوڏ جو پاڻي نڪري نه سگهيو آهي، هر هنڌ 4 کان 5 فوٽ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي. مشينن جي ذريعي جيڪو پاڻي نڪري ٿو اهو تمام سست رفتار سان نڪري پيو، ٻي طرف رائيس ڪئنال ۽ سم نالن کي مختلف هنڌن تي پيل گهارا هن مهل تائين انتظاميا بند ڪرڻ جا ڪي به اپاء وٺي نه سگهيا آهن، خيرپورناٿن شاھ تعلقي جا 5 لک ماڻهون مختلف شهرن ۾ دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن انتظاميا اگهور ننڊ ستل آهن. شهرين شهري اتحاد جي صدر حافظ محمد امين جمالي جي اڳواڻي ۾ تعلقي مان پاڻي نيڪال نه ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميا جي نا اهلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته سنڌ حڪومت خيرپورناٿن شاھ واسين سان وڏو ظلم ڪيو آهي هاڻي هتي هڪڙا ماڻهون ٻوڏ جي پاڻي ڏي رهيا آهن هڪڙا ماڻهون بيمارين ۾ مري رهيا آهن ۽ وري ٻيا ماڻهون سڙي مري رهيا آهن تازو گذريل ڏينهن ٻوڏ متاثرين جيڪي جڏهن ڪراچي کان پنهنجي اباڻي ڳوٺ اچي رهيا هيا ته رستي ۾ ڪوچ ۾ 19 ڄڻا سڙي مري ويا پر هنن ظالمن حڪمران جي جوء به ڪان چري، هنن چيو ته چيو ٿو وڃي خيرپورناٿن شاھ پيپلزپارٽي جو ڳڙھ آهي هتان جي ماڻهن جهموريت جي بحالي لاء پنهنجي جان جو نظرانو ڏنو ۽ هتان جي ماڻهن آمرن سان مهاڏو به اٽڪايو پوء ڇو هتان جي ماڻهن سان ظلم ڪيو ٿو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته افسوس ان ڳالھ جي آهي ته خيرپورناٿن شاھ جي واسين سان هيڏو سانحو پيش آيو آهي ۽ 19 ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا آهن پر هن مهل تائين نه وزيراعلي’ سنڌ پهتو نه پ پ پ جا چونڊيل نمائندا پهتا نه وري ڪو ضلعي انتظاميا پهتي آهي. سانحي جي ذميوارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهن کي معاوضو ڏنو وڃي.