ڪي اين شاهه جي ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

0
141
ڪي اين شاهه جي ٻوڏ

ڪي اين شاهه جي ٻوڏ متاثرن پاڻي نيڪال ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو

ٻوڏ متاثر يوسي گاڏھي، ڪنڊي چکي ۽ ٻين يوسيز جي ڳوٺن مان سوين ماڻهو ٻاهر نڪري آيا، ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو

ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، پوليس عملدار مظاهرين سان ڳالهين لاءِ پهتا پر مظاهرين ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪيو

احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثرن جو چوڻ آهي ته ڪي اين شاهه جي ڪيترين ئي يوسيز ۾ اڃا به پاڻي بيٺل آهي

هنن دانهيو ته ٻارڙا بکون ڪاٽي رهيا آهن، چوپائي مال لاءِ چارو به ناهي، سرڪار پاران واهر ڪرڻ تائين احتجاج جاري رهندو

ھي به پڙھندا

سنڌ جي درد وساري خوشين ڏانهن واپسي، ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جو اظهار، واهڻ وستي ۾ ثقافتي جشن، رقص، ڪراچي ۾ مک تقريب